لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ميهڙ واقعي بابت پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو طرفان ڪيس مئجسٽريٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ بابت داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ڪئي، جتي ميهڙ واقعي جي متاثر ام رباب ۽ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو طرفان سندس وڪيل اطهر عباس سولنگي عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت بعد ۾ پٽيشن جي ٻڌڻي 10 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدار ڌر طرفان ڪيس کي مئجسٽريٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي پر ان معاملي جو اڳ ئي فيصلو سپريم ڪورٽ ڏئي چڪي آهي، ان جي باوجود جوابدار ڌر پاران اهڙي پٽيشن داخل ڪرائي وئي، جنهن سان عدالتن جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن معاملي جو اڳ ئي فيصلو ٿي چڪو آهي ته پوءِ ان معاملي بابت بار بار پٽيشن داخل ڪرائڻ جو ڇا مقصد آهي؟ هن چيو ته اسين عدالتن مان پراميد آهيون ته انصاف ڪنديون، اميد آهي ته ايندڙ 10 مئي تي پٽيشن بابت فيصلو ٻڌايو ويندو.