سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ قائم اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جي بيوٽيفڪيشن وال اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي، بيوٽيفڪيشن وال پھرين منزل کان نائين منزل تائين ڪري پيون آھن، جنھن جي نتيجي ۾ پارڪنگ ۾ بيٺل ھڪ ايڪس ايل آءِ ڪار ۽ ھڪ مھراڻ ڪار مڪمل طور تباھ ٿي ويون آھن، بيوٽيفڪيشن وال جي اوچتو ڪرڻ سبب مريضن توڙي آس پاس جي ماڻھن ۾ خوف وارو ماحول ڇائنجي ويو. مليل ڄاڻ موجب حادثو صبح جو ساڍي ڇھين وڳي ڌاري پيش آيو، جنھن وقت پارڪنگ ۾ رش تمام گھٽ ھئي، جيڪڏھن ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ واقعو پيش اچي ھا ته جاني نقصان ٿيڻ جو پڻ خدشو ھو،حادثي سبب تباھ ٿيل ايڪس ايل آءِ ڪار ھڪ مريض ڪرائي تي ڪرائي علاج لاءِ پهتو ھو، جڏھن ته مھراڻ ڪار اين آءِ سي وي ڊي جي ملازم جي ٻڌائي پئي وڃي. ٻئي طرف اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جي بيوٽيفڪيشن وال جي اوچتو ڪرڻ سبب سوشل ميڊيا تي توڙي سکر جي شھرين طرفان ڪيترائي سوال اٿاريا پيا وڃن ته غير معياري مٽيريل استعمال ڪيو ويو آھي جنھن سبب بيوٽيفڪيشن جي لاءِ لڳل عمارت جي ڪجھ حصي جون سرون ڪري پيون آھن. سوشل ميڊيا تي عوام پاران اِھو به مطالبو سامھون اچي رھيو آھي ته ان معامري جي جاچ ڪرائي غير معياري ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.