ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلو ۾ آرٿر شاخ جي ڪپرن تي غير قانوني اڏاوتن خلاف اي سي باقراڻي سيد يار علي شاھ ۽ اسسٽنٽ انجنيئر ايريگيشن اوشاق علي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ٿريچا ابڙو وٽان ڪارروائي ڪندي غيرقانوني دڪان، هوٽل، اٽي چڪيون، ڇپرا ۽ مانڊڙيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، ان حوالي سان اسسٽنٽ انجنيئر اوشاق علي ٻڌايو ته ڪارروائي ڪري غيرقانوني اڏاوتن کي ڊاهي پٽ ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته ڳوٺاڻن کي ڪارروائي کان اڳ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا.