ڀرياسٽي (ن پ ا) پڊعيدن ۾ ڪارنھن الزام ۾ مارجي ويل عورت جي وارثن جو نوشھروفيروز ۾ مظاھرو. پنجاب جي ضلعي ملتان جا رهواسي زال مڙس محمد قاسم، سعيده بيبي، محمد شاهد سيال پريس ڪلب نوشھروفيروز پهچي احتجاج ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ مهينو اڳ پڊعيدن ڀرسان ڳوٺ پير صادق ۾ بي رحم شخص ذوالفقار خاصخيلي اسان جي نياڻي شمائلا بي بي تي ڪارو ڪاري جو ڪوڙو الزام هڻي بيدردي سان قتل ڪري اسان سان وڏي زيادتي ڪئي آھي. هنن چيو ته ذوالفقار خاصخيلي اسان جي نياڻي تي تشدد ڪندو رهندو هو جنهن جو ڪيس ملير ٿاڻي تي به داخل ٿيل آھي، اسان جي نياڻي جا 4 معصوم ٻار به انهن وٽ آھن اسان کي خطرو آھي ته ظالم انهن معصوم ٻارن کي ماري نه ڇڏين. هنن وڌيڪ چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون وڪيل جي فيس به ادا نه ٿا ڪري سگهون ۽ هتي اسان جي جان کي خطرو آھي ان ڪري اسان جي نياڻي جي قتل جو ڪيس ملتان ٽرانسفر ڪيو وڃي ته جيئن اسان قاتل کي سخت سزا ڏياري سگهون ۽ اسان کي انصاف ملي سگهي.