گھوٽڪي: ڀائرن ۽ چاچن پاران مڙس کان طلاق وٺرائڻ خلاف عورت جو احتجاج

0
350

گهوٽڪي(ن پ ا) بڊاڻي جي رهواسڻ عورت جو ڀائرن ۽ چاچن خلاف مڙس سان گڏجي احتجاج, ڀائر ۽ چاچا زبردستي مڙس کان طلاق وٺرائي ٻئي هنڌ پئسن عيوض وڪرو ڪري شادي ڪرائڻ چاهين ٿا، سڪينا ڀٽو جون دانهون، سڪينا ڀٽو پنهنجي مڙس عمران علي ڀٽو سان گڏجي ٽائيم نيوز آفيس پهچي ڀائرن جليل ڀٽو، اسماعيل ڀٽو، يوسف ڀٽو، چاچي نورحسن ڀٽو ۽ ٻين خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙ عورت سڪينه ڀٽو جو چوڻ هو ته ڀائر ۽ چاچا لالچي قسم جا ماڻهون آهن ۽ زبردستي مڙس عمران ڀٽو کان طلاق وٺهرائي ٻئي پيسن عيوض وڪرو ڪري شادي ڪرائڻ چاهين ٿا.
عورت جو چوڻ ھو تھ مونکي پنهنجي مڙس مان اولاد به آهي ٻئي هنڌ شادي نٿي ڪرڻ چاهيان، هن چيو ته ڀائر ۽ چاچا مونکي ۽ منهنجي مڙس عمران ڀٽو کي ٽن سالن جي معصوم ڀائيٽي ثمينا کي اغوا ڪرڻ جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا، احتجاج ڪندڙ عورت سڪينا خاتون ڀٽو جو چوڻ هو ته تحفظ لاء ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست به داخل ڪرائي آهي ۽ عدالت پوليس کي نوٽيس به جاري ڪيا آهن، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي,ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.