گھارو (ن پ ا) گھاري ۾ فرينڊس بڪ فورم ۽ ڀنڀور ادبي فورم طرفان علمي ۽ ادبي شخصيت استاد محرم علي لاشاري جي نالي سان منسوب ڪتابي ميلو لڳايو ويو، جنهن ۾ علائقي جي علمي ادبي شخصيتن.استادن شاگردن.سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ادبي شخصيت ليکڪ رشيد احمد گبول ميلي جو افتتاح ڪيو.ان موقعي تي هن چيو ته تعلقي ميرپور ساڪري جي ادبي ۽ علمي شخصيت سائين محرم علي لاشاري پنهنجو مٽ پاڻ هو صرف استاد نه پر هو هڪ اهڙي طلسماتي شخصيت جومالڪ هو جنهن ضلعي ٺٽي ۾ تعليم ذريعي شعور بيدار ڪيو سائين محرم علي لاشاري سائين جي ايم سيد ۽ سائين ابراهيم جويو طرفان ڏنل ماستري واري نوڪري کي پنهنجي نوڪري نه بلڪه عبادت سمجهي عمل ڪيو. ميلي واپاري ايسوسيئيشن گهاروجي صدرڀونداس ٽڪياڻي.ينگ سوشل نيٽ ورڪ جي علم دين رند.عوامي تحريڪ جي رياض احمد عباسي. پيپلز پارٽي ۽ ڄام گروپ اڳواڻن. پريس ڪلب گهاروجي صدرذوالفقارخاصخيلي سماجي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي شرڪت ڪندڙ شخصيتن چيو علم انسان جي ٽين اک ۽ ڪتاب انسان جو بهترين دوست آھي.تنهنڪري اسانکي هن جديد دور ۾ ڪتاب سان دوستي رکي وڌکان وڌعلم حاصل ڪرڻ گهرجي.هن وقت موبائل ۽ انٽرنيٽ.سوشل ميڊياجي تيز ترين نيٽورڪ اسانکي ڪتاب کان الگ ڪري ڇڏيوآهي. هي ڪتابي ميلوشهرجي نوجوانن ۾ ڪتاب ۽ علم جي اهميت بابت اضافو ٿيندو ۽ انهن ڪتاب پڙھڻ بابت دلچسپي پيدا ٿيندي.