گھوٽڪي(رپورٽ ماجد سنگهڙ)سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ گھوٽڪي ضلعي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل اميدوارن به ڊور ٽو ڊور ورڪ کي تيز ڪري ڇڏيو.گھوٽڪي ضلعي ۾ ڪل 661 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن جتي 8 لک 80 هزار 3 سئو  89 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا ميرپورماٿيلو جي 123 گھوٽڪي جي 174اوباڙو جي 74 ۽ رائونتي جي 40 پولنگس کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي گھوٽڪي ضلعي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ 3 هزارن کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جون ڊوٽيون لڳايون ويون آهن گهوٽڪي ضلعي ۾ هن ڀيري آزاد اميدوار وڏي پيماني تي ميدان ۾  لٿل آهن گھوٽڪي ضلعي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي،جي ڊي اي ۽ آزاد اميدوارن ڪانٽي جي مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ضلعي ۾ 66 يونين ڪائونسلن ٻن ميونسپل ڪاميٽين ۽ 4 ٽائون ڪاميٽين تي 1524 اميدوار قسمت آزمائيندا.