مدئجي(ن پ ا) مدئجي ۾ مڪاني چونڊون ويجھو ايندي ئي سرگرميون تيز ٿي ويون آھن ان سلسلي ۾ پ پ اميدوار ۽ اڳوڻو ٽائون چيئرمين نجف علي ڪماريو پنھنجي پينل جي اميدوارن کي ساڻ ڪري مدئجي جي روحاني شخصيت سيد بودلو شاھ جي اوطاق  کان پيادل ورڪ شروع ڪندي ريلي ڪڍي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ حمايتن پ پ ڪارڪنن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي ريلي شاھي بازار, اسٽيشن روڊ کان ٿيندي مين بس اسٽاپ تي پھتي ريلي دوران شاھي بازار توڙي اسٽيشن روڊ تي دوڪاندارن پاران اڳواڻن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي جڏهن ته شهر جي سون جي واپاري سوناري علي اڪبر کوکر پاران اڳوڻي چيئرمين نجف ڪماريو کي سونو تاج پارائڻ سان گڏ اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو, ان موقعي تي اڳوڻي ٽائون چيئرمين نجف علي ڪماريو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڳ به شھر جي رهواسين جي خدمت ڪئي آھي ھاڻي به ساڳيو ئي جذبو کڻي نڪتا آهيون.