خيرپور (رپورٽر) خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبوب شيخ مان مبينا طور اغوا ٿي ويل 16 سالن جي نينگر خليل احمد پٽ رياض شيخ جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو. ان حوالي سان ڄاڻايل نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو نينگر خليل موٽر سائيڪلن جو مستري آهي، صبح جو دڪان  تي وڃڻ لاءِ گهران نڪتو ته واپس نه موٽيو، سندس موبائيل فون به بند ملي رهيو آهي. هنن ٻڌايو ته اسان جن ماڻهن تي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو، پوليس کين گرفتار ڪري بعد ۾ رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو. هنن جو چوڻ هو ته نينگر جي بازيابيءَ بابت ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ سان ملاقات ڪري کيس مدد جي اپيل ڪئي پر سندس حڪم باوجود بي سيڪشن پوليس نوجوان جي ڳولا ۾ ڪوبه سهڪار نه پئي ڪري. هنن پوليس اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.