گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ ڀاڳيل جوڻيجو جو رھواسي پراڻو جيالو بيماريءَ جي بستري تي بي يارو مددگار پيل، چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کي مدد جي اپيل. تفصيل موجب گمبٽ ڀرسان ڳوٺ ڀاڳيل جوڻيجو جو رھواسي پ پ جو پراڻو جيالو  عبدالرحيم جوڻيجو گذريل هڪ مهيني کان فالج جي بيماريءَ سبب گهمڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهي. بيماريءَ جي بستري تي پيل جيالي عبدالرحيم جوڻيجي دانهيندي ٻڌايو ته هن مهل تائين ڪو به چونڊيل نمائندو حال پڇڻ نه آيو آهي. هن پ پ قيادت ۽ ايم اين اي جاويد شاهه جيلاني ۽ ايم پي اي نعيم احمد کرل کي اپيل ڪئي ته مالي سهائتا ۽ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن پنهنجي  ٻچڙن جو سهارو بڻجي سگهان.