لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ جي بس اسٽاپ پاڙي ۾ رهندڙ پورهيت شمشاد عرف فادنُ راجپوت جي گهرواري راڻي هڪ مهيني کان  پراسرار نموني گم آهي،شمشاد راجپوت پنهنجي چئن معصوم نياڻين سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجي گهرواري کي گم ٿئي هڪ مهينو گذري ويو آهي، ٿاڻي تي فرياد به ڪئي آهي پر پوليس منهنجي گهرواري جي بازيابي لاءِ ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته شڪ آهي ته منهنجي گهرواري کي اغوا ڪيو ويو آهي،کيس بازياب ڪرائي  پريشاني ختم ڪئي وڃي.