گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ريلوي اسٽيشن ويجهو ڳوٺ امام بخش گوپانگ واسي 4 ڄڻا لٺيون ، ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ  گمس سٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان زخمين ۾ عمران علي گوپانگ ، قلندر بخش ، عاشق علي ۽ سھراب علي گوپانگ ٻڌايو ته سنھڙي واھ تي ويٺا هئا سين ته موٽرسائيڪل سائيڪلن تي سوار 7 کان وڌيڪ نامعلوم ھٿياربندن اسان مٿان ڏنڊن ، لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري زخمي ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا،  ٿاڻي تي  واقعي جي  اين سي داخل ڪرائي آهي شڪ آھي ته ڪجھ مخالفن اسان مٿان حملو ڪيو آھي.