سکر(بيورو رپورٽ) عدالتي حڪم باوجود ھندو پنچائت سکر جي اليڪشن رولڙي جي ور چڙھي وئي، ميمبر شپ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي بنا نتيجي ختم، 18 نومبر تي نئين اليڪشن ۽ ميمبر شپ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ طرفان ڊپٽي ڪمشنر کي ٻن مھينن اندر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو.  اِن ڏس ۾ ڄاڻ موجب ھندو پنچائت سکر جي اليڪشن عدالتي حڪم باوجود رولڙي جو شڪار ٿي وئي آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ھلندڙ سال 10 سيپٽمبر تي ڊپٽي ڪمشنر سکر کي ھندو پنچائت جون چونڊون ٻن مھينن اندر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو، عدالتي حڪم کان پوءِ صوبائي اسسٽنٽ رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪميٽي ڪفايت اللھ لاشاري جي صدارت ھيٺ اجلاس منعقد ٿيو ھو، جنھن ۾ ميمبر شپ لاءِ پنج رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏيندي کيس 15 ڏينھن اندر ميمبر شپ مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڏني وئي ھئي، ڪالھه ڪوٺايل اجلاس ۾ ميمبر شپ جي حوالي سان اڳڀرائي نه ٿيڻ تي اُھا ڪاميٽي ختم ڪئي وئي، ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ ڪاميٽي جي ميمبر ديوان چند چاولا ٻڌايو ته ميمبر شپ لاءِ ڪو به فيس ڀرڻ لاءِ تيار ناھي، ڇو جو ماڻھن ۾ خدشا موجود آھن ته گڏ ڪيل رقم ڪٿي خرچ ٿيندي، يا اڳ مختلف وقتن تي جيڪا رقم آيل ھئي اُھا ڪٿي خرچ ٿي آھي. اسسٽنٽ رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪميٽي ڪفايت اللھ لاشاري جي اڳواڻ ۾ ٿيل   گڏجاڻيءَ ۾ ھندو پنچائت جي اڳوڻي مکي اشور لال، جئرام داس بختيارپوري، ديوان چند چاولا، ھاسانند سچديوَ، نرنجن ماکيجا، رنجيد ماکيجا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، متفقه  طور تي اڳ جوڙيل ڪاميٽي کي ختم ڪندي اليڪشن توڙي ميمبر شپ لاءِ 18 نومبر تي ڪاميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن مطابق نئين اجلاس جي ڏنل تاريخ کان پوءِ عدالتي حڪم مطابق ٻن مھينن اندر اليڪشن ڪرائڻ مشڪل ٿي ويندي. واضع رھي تہ ھندو پنچائت جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ شھري جئيرام داس بختيارپوري سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي.