خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي مشهور فنڪارا جو بااثر خلاف احتجاج، 8 سالن تائين لڄالٽ ڪرڻ جا الزام، انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر. ان ڏس ۾ وانڍ پاڙي جي رهواسڻ مشهور فنڪارا زاهده پروين صحافين آڏو احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته مان محفلن ۾ ڳائي پنهنجو پيٽ پاليندي آهيان، جڏهن ته ڪنهن پروگرام ۾ آدم چانڊيو مون کي چيو ته مان توسان شادي ڪندس ۽ شاديءَ جي بهاني ڪرائي جي جڳهه ۾ ڪيترن ئي سالن کان رهايو، جنهن مان مون کي 4 نياڻين جو اولاد ٿي ويو، مان کيس شاديءَ لاءِ چوندي هيس ته هو مون مٿان تشدد ڪرڻ سان گڏ ڪوڙا دلاسا ۽ ڌمڪيون ڏيندو هيو. هن چيو ته آدم چانڊيو مون کي نياڻين سميت ڌمڪيون ڏنيون آهن ته جيڪڏهن آئون راڳ جي محفلن مان ملندڙ پئسا کيس نه ڏيندس ته هو اسان کي قتل ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته مان آدم چانڊيو جي ڪوڙن آسرن ۽ تشدد کان تنگ ٿي وئي آهيان مان بي سيڪشن ٿاڻي تي سندس خلاف شڪايت کڻي ويس پر پوليس منهنجو ڪوبه تدارڪ نه ڪيو. هن وس وارن کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي آدم چانڊيو خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.