ڪپهه اڇلائيندڙ انوکو اسپائيڊر مين ٻوٽو دريافت

0
266

لنڊن (دلچسپ نيوز) ڪپهه اڇلائيندڙ انوکو سپائيڊر مين ٻوٽو دريافت ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي جي سائنسدانن هڪ انوکي ٻوٽي تي تحقيق شروع ڪري ڏني آهي اهو ٻوٽو ڪپهه اڇلائيندو رهي ٿو. ڊائيو نيشيا ٽيپوٽوڊس نالي اهو انوکو ٻوٽو پاڪستان ۾ پڻ موجود آهي چيو پيو وڃي ته انوکو ٻوٽو پنهنجي سوارخن مان ڪپهه خارج ڪندو رهي ٿو، اهوٻوٽو ترڪمانستان، ڏکڻ اوڀرايران ۽ پاڪ-افغان سرحد ۾ موجود موجود آهي جڏهن ته سائنسدان ان ٻوٽي جي اندر سوراخ ڏسي حيران ٿي ويا آهن جنهن سبب ان تي تحقيق پڻ شروع ڪري ڏني آهي.