ممبئي(اسپورٽس نيوز) افتتاحي ميچ ۾ زخمي ٿيندڙ ڪين وليمسن مڪمل آءِ پي ايل کان ٻاهر ٿي ويو، هن جي انجري نيوزيلينڊ کي پريشان ڪري ڇڏيو. چنئي سپر ڪنگز خلاف گجرات ٽائٽنز طرفان ڊيبيو ڪندڙ ڪين وليمسن اسڪوائر ليگ بائونڊري تي رتوراج گائيڪواڊ جي ڪيچ ڪرڻ لاءِ جمپ ڏنو، جيئن ته هن بال پڪڙي ورتو پر بائونڊي تي ڪرندو ڏسي هن واپس فيلڊ ۾ بال اڇلايو، ان ڪوشش دوران هو ڪري پيو جنهن دوران گوڏي جي تڪليف جو شڪار ٿي ويو. ٻئي طرف ورلڊ ڪپ کان اڳ سينيئر ڪرڪيٽر جي ان تڪليف ڪيوي ڪپتان گيري اسٽيڊ کي به پريشان ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اسان کي ڪين وليمسن جي رپورٽ جو انتظار آهي، في الحال ورلڊ ڪپ جي حوالي سان ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.