ڪڙيو گهنور(اسپورٽس نيوز) ڪڙيو گهنور لڳ خاصخيلي آئل فيلڊ ۾ مرحوم ڪامريڊ مٺو مهيري نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ ۾ اڄ ٻه رائونڊ ٿيا، پهرين رائونڊ ۾ پنهور   اليون پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 96 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. سنڌ ابڙا  اليون 80 رنز تي ڍير ٿي وئي. آفتاب چانڊيو کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.   جڏھن ته ٻئي رائونڊ ۾ڪنگ ڪوبرا  اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 75 رنز تي آئوٽ ٿي وئي، ڪنگ آف بابا  اليون آسانيءَ سان هدف پورو ڪري ورتو.بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي سهيل مهيري کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.