ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته مان نٿو چاهيان ته جيڪو مونسان ٿيو اهو بابراعظم يا ڪنهن ٻئي سان ٿئي. سرفراز احمد ويجهڙ ۾ ئي يوٽيوب جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته “ڪپتان بڻجڻ ۾ وقت لڳندو آهي، بابر اڃا ڪپتاني سکي رهيو آهي، هر شخص ۾ بهتري جي گنجائش هوندي آهي ۽ انسان غلطي ڪري ئي سکندو آهي. سرفراز احمد چيو ته مان نٿو چاهيان ته جيڪو مونسان ٿيو اهو بابر يا ڪنهن ٻئي رانديگر سان ٿئي. سرفراز احمد چيو ته منهنجو بابر کي مشورو آهي ته رانديگرن سان رابطا وڌائي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي. سرفراز ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته بابر ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جو نمبر ون بيٽسمين آهي ۽ هن جي صلاحيت تي ڪوبه شڪ ناهي، مان پنهنجي ڪپتاني ۾ به هن کي اوپنر کيڏڻ ڏيان، بابر اوپننگ لاءِ بهترين آهي، جيڪڏهن هن کي سٺو ساٿ ملي ته قومي ٽيم ڪنهن به هدف کي آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهي ٿي.