ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ  جي غريب آباد محلا ريلوي اسٽيشن وٽ 5 سال جو ساجد ولد امتياز علي  سميجو  پاڻي جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. وارثن پاران نينگر جو لاش تلاءُ مان هٿ ڪري ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار بڻجي ويو.