ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو قومي شاهراهه تي ڳوٺ صالح راچپر وٽ نامعلوم هٿيار بندن شهر جي نشتر محلي واسي واجد گهانگهرو کان موٽر سائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته مزاحمت تي گولي هڻي نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو.