ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو ۾ مهانگائي سٽيل عوام لاءِ حڪومت پاران سستي اگهه تي اٽي جو وڪرو ڪيو ويو، هن وقت شھر ۾ چڪي مالڪن پاران 41 سئو کان 44 سئو رپيا في مڻ اٽو وڪرو ڪيو پئي ويو، جيڪو غريب مزدور ماڻهن لاءِ خريد ڪرڻ مشڪل هو، ن ڏس ۾ ڪالهه فلور مل سنڌ سرڪار جي اگهه 650 رپين ۾ 10 ڪلو جا 1200 ٿيلها وڪرو ڪيا، جڏھن ته ٻه ڏينهن اڳ به 300 ٿيلها وڪرو ڪيا ويا ھيا.