ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ پير بخش ڀرٽ ۾ 8 سالن جي نينگر جواد علي پٽ جاويد احمد ڀرٽ ڳوٺ ڀرسان ٽيوب ويل جي حوض جي بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي وارثن معصوم نينگر جو لاش پاڻي مان ڪڍي گهر پهچايو معصوم ٻارڙي جو لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو، جڏھن ته سندس امڙ ۽ ابي کي بي هوشي جا دورا پئجي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر ٽيوب ويل تي وڃي هود جي پاڻي ۾ وهنجڻ لاءِ لٿو ته ٻڏي فوت ٿي ويو، نينگر جي ڳولا بعد وارث ٽيوب ويل وٽ پهتا ته نينگر مئل حالت ۾ مليو.