پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن لڳ ڳوٺ غلام مصطفيٰ شر ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺين ۽ سروٽن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو. جهيڙي سبب پرويز شر، اعجاز شر، امير بخش شر ۽ دلبر شر زخمي ٿي پيا زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر پڊعيدن پهچايو ويو جتي ٻن زخمين امير بخش ۽ دلبر شر شديد زخمي هجڻ ڪري نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو. جڏھن ته جهيڙي جي اين سي پڊعيدن ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي.