قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ کاهه ۾ لاکا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ھڪ ڌر جو ٻي ڌر مٿان مبينا حملو، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ظھير احمد لاکو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ ڳوٺاڻن پاران فوري طور تي رورل ھيلٿ سينٽر قاضي احمد پھچايو ويو جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي، جتي زخمي ظھير احمد لاکو ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام ھڻندي چيو ته مان رستو وٺي اچي رھيو ھئس ته جوابدارن لٺين سان حملو ڪري مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو. جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.