مورو (ن پ ا) مورو شھر جي دادو روڊ تي پاڻي واري موٽر کي ٺاھڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان عمير ولد عبدالرحمان بيھوش ٿي ويو جنھن کي تعلقي اسپتال مورو آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو جيڪي گھر کڻائي ويا ته روڄ راڙو مچي ويو. ان موقعي تي وارثن جو چوڻ ھو ته نوجوان پاڻي واري موٽر جي بجلي ٺاھي رھيو ھو ته ڪرنٽ کيس ڪرنٽ لڳو. نوجوان جو مڙهه اباڻي ڳوٺ بھاول پور تحصيل چستيان نيو ويو.