ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ جهنڊاشاخ اسٽاپ تي اسڪارپ کاتي جي زمين ڄاڻائي اسسٽنٽ انجنيئر نعيم الله هداد غلام محمد پلهه. نسيم راڄپر،ستار کوکر، جاويد اڄڻ سميت 30 کان وڌيڪ دڪان ڊهرايا. دڪاندار غلام محمد پلهه احتجاج ڪندي چيو ته بااثر جي چوڻ تي اسانجي دڪانن کي ڊاٿو ويو آھي، 29 دڪان ڊاهي ڪروڙين رپين جو نقصان ڪيو ويو آھي، هنن چيو ته اسڪارپ کاتي وارن کان مهلت ورتي، سليم ويسر سرويئر آھي جيڪو پاڻ کي سب انجنيئر سڏائي ٿو ان کي ٽي لک ڏيڻا ڪيا، هڪ لک ڏنو پوءِ به دڪان ڊاٿا ويا ،سرويئر سليم ويسر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته الزام غلط آهن، پئسا ناهن، هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي قبضا ختم ڪرائي رهيا آهيون.