پکو (ن پ ا) پکو ۾ عدالتي حڪم تي آبپاشي کاتي عملدارن چيلو شاخ جي ڪپرن تي ٿيل قبضي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڊي سي قمبر، مختيار ڪار قمبر ۽ پکو پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪري شاخ جي ٻنھي ڪپرن تان غير قانوني ٺاھيل گھر، دڪان ۽ فارم ڪرين مشين ذريعي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، ان موقعي تي ڊي سي قمبر ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪئي آهي، ڳوٺاڻن کي نوٽيس جاري ڪيا هئا پر هنن قبضا ختم نه ڪيا جنهن ڪري ڪارروائي ڪئي، ٻي طرف متاثرن دانهيندي چيو ته گهر ڊاهي ظلم ڪيو ويو آهي، کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي متبادل جڳهه فراهم ڪئي وڃي.