ٽالهي (ن پ ا) ٽالهي ويجهو تعلقي مٺي نهٽو لڳ ڳوٺ اصحابه اولياءَ جي رهواسين گرگيز برادري جي ماڻهن پاران بااثرن سياسي اڳواڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي، انهي موقعي تي مظاهرين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي محمد عالم گرگيز، محمد وارث گرگيز، سڪندر علي گرگيز، ڄام گرگيز، ڀائي خان گرگيز، سومار گرگيز ۽ ٻين چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي، بااثر سياسي اڳواڻ ۽ ٻين جي چوڻ تي اچي انڪروچمنٽ جي آڙ ۾ اسان غريبن جو گهر ڊاهي پٽ ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هتي ٻيا به ڪيترائي بااثر سياسي پارٽين جا اڳواڻ پڪيون بلڊنگون، پڪا، گھر، اوطاقون ٺاهي ويٺل آهن پر هنن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. هنن سنڌ حڪومت توڙي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن انڪروچمنٽ هٽائڻ لاءِ آيل عملي سميت اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي راجيش ڪمار کان انهيءَ معاملي بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن موقف ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي مڪمل انڪروچمنٽ هٽائي ناهي سگهيو ته اسان مڪمل انڪروچمنٽ هٽائينداسين.