ملير (رپورٽر) گلشن حديد لڳ سومار ڳوٺ ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت هيٺ ڳوٺاڻن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جسقم مرڪزي پريس ترجمان ديدار شام، راڳي واحد لاشاري، ڏاڏو بوزدار سميت سوين ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڳوٺاڻن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي اڳيان بنيادي مسئلن جي حل لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون، جنهن تي جسقم چيئرمين ڳوٺاڻن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن، پ پ حڪومت ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين کي نظر انداز ڪري رهي آهي، جلد ڪراچيءَ ۾ سنڌي وسندين ۾بنياي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ جدوجهد تيز ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪو به سنڌي ماڻهو پاڻ کي لاوارث نه سمجهي، شهيد بشير خان قريشي ڪراچيءَ کي پنهنجو مرڪز بڻائي، هر سنڌي جي مالڪي ڪئي، ان تسلسل کي برقرار رکندي ڪراچي ۾ سنڌين جي مالڪي ڪنداسين، ڇو ته اها جسقم جي روايت آهي.