ڪمري جي صفائي نه ڪرڻ تان ماءُ کان دڙڪا ملندا هئا: ماڌوري ڊڪشٽ

0
197

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڊانسنگ ڪوئن ۽ سينيئر اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ هڪ انٽرويو ۾ ماضي جا دلچسپ راز ٻڌائي ڇڏيا. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مشهور اداڪارا پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪمري جي صفائي نه ڪرڻ تي منهنجي ماءُ مونکي دڙڪا ڏيندي هئي. فلم اسٽار هجڻ باوجود ماڌوري کي لاپرواهي ۽ سنجيدگيءَ نه ڪرڻ تي ماءُ جي ملامت کي منهن ڏيڻو پوندو هو. ماڌوري ڊڪشٽ نيٽ فلڪس سيريز ”دي فيم گيم“ ۾ ڊيبيو ڪري رهي آهي ماڌوري جي ڪهاڻي هڪ ڪامياب اداڪاره جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن ۾ سندس نالو اناميڪا آنند آهي

 هن نيٽ فلڪس سيريز ۾ ماڌوري ڊڪشٽ کان علاوه سنجي ڪپور، منو ڪول، لڪشور سرن ۽ سوهاسني مول سميت ٻيا اداڪار نظر ايندا. اداڪارا ماڌوري پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته فلم اسٽار بڻجي تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي پر منهنجي زندگي ۾ ڪا به منفي ڳالهه نه هئي، شهرت محنت سان ملندي آهي جيڪا هر روز ڪندي آهيان