پي ايس ايل 7 جي فائينل ۾ اڄ لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ دنگل

0
141

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل 7 جي فائينل ميچ ۾ اڄ ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز جون ٽيمون قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شام 7:30 وڳي آمهون سامهون ٿينديون

آءِ سي سي جي ايليٽ پئنل  ۾ شامل عليم ڊار ۽ رچرڊ ايلنگ ورٿ فائنل ۾ امپائرنگ جا فرض انجام ڏيندا. ٻئي امپائر اڄ ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيندڙ فائنل ۾ آن فيلڊ امپائرنگ جا فرض نڀائيندا

آءِ سي سي ايليٽ پئنل جو ميمبر مائيڪل گف ليگ جي فائنل ۾ ٿرڊ امپائر، جڏهن ته احسن رضا فورٿ امپائر جي حيثيت سان ذميواريون نڀائيندو. پي ايس ايل 7 جي فائنل ۾ پليئنگ ڪنٽرول ٽيم جي سربراهي آءِ سي سي جو ميچ ريفري روشن ماهناما ڪندو.