ڪمائڻ بهاني رتيديري جي نينگر کي اسلام آباد وٺي ويندڙ شخص ڇڏي هليو ويو

0
280
رتوديرو واسي معصوم نينگر مريد
ڪمائڻ بهاني رتيديري جي نينگر کي اسلام آباد وٺي ويندڙ شخص ڇڏي هليو ويو!!

لاڙڪاڻو: رتوديرو واسي معصوم نينگر مريد کي ڪمائڻ جي بھاني وٺي ويندڙ شخص اسلام آباد ۾ ڇڏي ھليو ويو. نينگر واپس اچڻ لاء پريشان سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

نينگر جو چوڻ هو ته ڪمائڻ جي لاء والدين اسلام آباد نامعلوم ماڻهو سان موڪليو جيڪو فيض آباد بس اسٽينڊ تي ڇڏي ھليو ويو. هن چيو ته سنڌ جي رتوديرو شھر سان تعلق آهي، وارثن جو فون نمبر به ناھي، ڪيترن ڏينهن کان دربدر آھيان. نينگر مريد چيو ته ھن وقت ثانيا ٽريولز وٽ رھان ٿو، مالڪن تائين پھچايو وڃي.