سانگهڙ (رپورٽر) “ڪير ٿيندو سانگهڙ جو سلطان” سيزن 6 جي فائنل مقابلي ۾ سيالڪوٽ اسپورٽس حيدر اليون کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سانگهڙ جي سلطان جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. فائنل مقابلي ۾ حيدر اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنز ٺاهيون جنهن جواب ۾ سيالڪوٽ اسپورٽس سخت مقابلي کانپوءِ اٺين اوور ۾ هدف حاصل ڪيو جنهن ۾ مختيار ڇڇڙ جا 77 رنز جي شاندار اننگ کيڏي. مختيار ڇڇڙ کي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي ٽورنامينٽ جا ايوارڊ ڏنا ويا.