ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو نبيرو، الزام هيٺ آيل ڌر مٿان 5 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. خبر موجب درمحمد ميراڻي ۽ محمد علي ميراڻي جي ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو نبيرو اصغر علي بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد محمد علي ميراڻي جي ڌر مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مٿس 5 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، الزام هيٺ آيل ڌر پاران 50 هزار رپيا موقعي تي ادا ڪيا ويا، جڏهن ته بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، نبيري بعد ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.