ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو- جهڏو روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر ۾ رينجرز اهلڪار فوت ٿي ويو، 2 ڄڻا زخمي. خبر موجب ٽنڊوباگو- جهڏو روڊ تي شفيع محمد نظاماڻي جي اوطاق وٽ ٻن موٽر سائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر ۾ فضل ڀنڀرو واسي رينجرز اهلڪار نوجوان رجب علي رند فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٽنڊوباگو جا رهواسي گنگو ڪولهي ۽ عالو ڪولهي زخمي ٿي پيا. فوتي نوجوان جي لاش کي پوليس موبائيل ۾ وجهي تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو ويو. ٻنھي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ انڊس اسپتال بدين روانو ڪيو ويو آهي. فوت ٿي ويل رجب علي رند فضل ڀنڀرو شهر جو رهواسي آهي ۽ هو پاڪ رينجرز ڪشمور ۾ نائيڪ طور ڊيوٽي ڪندو هو. تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.