ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاھ پاران اورنگي ٽائون نالي جي صفائي لاءِ ڊي سي ايسٽ سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن مڪاني ادارن ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاھ اورنگي ٽائون نالي جو دورو ڪري ڊي سي کان بريفنگ ورتي. ناصر شاھ چيو ته سنڌ حڪومت 20 مئي کان نالن جي صفائي واري ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪي ايم جي جي 41 ۽ ڊي ايم سيز جي 500 کان وڌيڪ نالن جي صفائي ڪرائي پئي وڃي.