ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ 2 سڳن ڀائرن سميت ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواستن تي سرجاڻي پوليس پاران گذريل ٽن مهينن کان ٻن ڀائرن اسحاق ۽ اسامه کي غير قانوني حراست ۾ رکڻ تي 20 مئي تي ايس ايچ او ۽ ايس ايس پي اولهه کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گم ٿيل ٻين شهرين جي بازيابي لاءِ 6 جولاءِ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل ايڊووڪيٽ محمد اعظم عدالت کي ٻڌايو ته سرجاڻي پوليس فيبروري کان ٻن ڀائرن اسحاق ۽ اسامه کي غير قانوني تحويل ۾ رکيو آهي، جن کي 3 مهينا گذرڻ باوجود ٻنهي ڀائرن کي ڪنهن عدالتي فورم تي پيش ناهي ڪيو، جنهن تي عدالت سرجاڻي ٽائون ٿاڻي جي ايس ايچ او تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 20 مئي تي ايس ايچ او ۽ ايس ايس پي اولهه کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت شهري امجد معروف ۽ ٻين جي گمشدگي بابت پڻ لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائي 6 جولاءِ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.