ڪراچي ۾ 8،9 ۽ 10 محرم تي ڪهڙا روڊ بند، ڪهڙا کليل رهندا؟

0
294
مرڪزي ماتمي جلوس
ڪراچي ۾ 8،9 ۽ 10 محرم تي ڪهڙا روڊ بند، ڪهڙا کليل رهندا؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس واري روٽ سان لڳندڙ رستا بند ڪيا ويندا، ٽريفڪ پلان تيار ڪيو ويو آهي. ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب 8، 9 ۽ 10 محرم تي مرڪزي ماتمي جلوس نشترپارڪ مان برآمد ٿيندو، جيڪو نشترپارڪ، سرشاهنواز ڀٽو روڊ، محفل شاهه خراسان، ايم اي جناح روڊ، منسفيلڊ اسٽريٽ، پريڊي اسٽريٽ، بولٽن مارڪيٽ، بمبئي بازار ۽ کارادر ۾ امام بارگاهه حسينيا ايرانيا ۾ نهر ٿيندو. جيئن ئي اهي جلوس نشترپارڪ مان برآمد ٿيندا ته روٽ سان لڳندڙ رستا سيل ڪيا ويندا،
شهر کان ايندڙ ٽريفڪ کي سولجر بازار کان جوبلي يا نشتر روڊ طرف موڙيو ويندو. ناظم آباد کان ايم اي جناح طرف ايندڙ ٽريفڪ کي لسٻيلا چوڪ کان گارڊن طرف موڙيو ويندو. لياقت آباد کان ايم اي جناح روڊ ايندڙ ٽريفڪ کي تين هٽي کان مارٽن روڊ تي جيل چورنگي طرف موڙيو ويندو، ان ٽريفڪ کي جيل چورنگي فلائي اوور تائين وڃڻ جي اجازت هوندي، جتان جيل روڊ کان ٿيندو اهي گاڏيون جمشيد روڊ، ڪشمير روڊ کان شاهراهه فيصل تي چڙهنديون. اسٽيڊيم روڊ کان ايندڙ ٽريفڪ کي نيو ايم اي جناح روڊ کان اچڻ جي اجازت هوندي، اهي گاڏيون دادا ڀائي نور جي روڊ، ڪشمير روڊ ۽ سوسائٽي لائيٽ سگنل کان سڌو شاهراه قائدين رستي شاهراهه فيصل وڃي سگھنديون، گلبرگ کان ايندڙ ٽريفڪ کي لياقت آباد 10 نمبر کان ناظم آباد چورنگي طرف موڙيو ويندو. سمورين گاڏين کي گرومندر کان اڳيان جلوس واري روٽ تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.

ناظم آباد کان جلوس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ عزادار لسٻيلا، گارڊن جماعت خانه کان ٿيندو نمائش پهچي سگھندا، لياقت آباد کان ايندڙ تين هٽي کان ٿيندو گرومندر واري رستي نمائش پهچندا. گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال کان ايندڙ يونيورسٽي روڊ تان پراڻي سبزي منڊي، ڪشمير روڊ رستي نمائش پهچندا.