آئون ايڊهاڪ جج طور حلف نه کڻندس! سنڌ هائڪورٽ جي چيف جسٽس چوٿون ڀيرو خط لکي ڇڏيو

0
320
چيف جسٽس احمد علي شيخ

اسلام آباد: سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج طور حلف نه کڻڻ بابت خط لکي ڇڏيو.

چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان اڳ چيف جسٽس جي رضامندي ضروري آهي، پر آئون 5، 6 ۽ 10 آگسٽ تي ٽي ڀيرا خط لکي انڪار ڪري چڪو آهيان، ان باوجود به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جيڪو قانون جي ابتڙ آهي.

چيف جسٽس لکيو ته آئون ٻيهر توهان کي اطلاع ڏيان ٿو ته آئون ايڊهاڪ جج طور مقرر نه ٿيندس.