ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واپاري اتحاد ڪراچي ۾ ڪاروباري سرگرميون رات 8 وڳي بند ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، واپاري اتحاد جي اڳواڻن شرجيل گوپلاڻي،  محمد احمد شمسي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪاروبار رات 10 وڳي ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 8 وڳي ڪاروبار بند رکڻ وارو فيصلو کليل تضاد ۽ تعصب آهي. هنن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي واپارين کي سنڌ حڪومت معاشي طور ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي، صوبي جي ٻين ضلعن ۾ هفتي ۾ هڪ ڏينهن ۽ ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ ڪاروباري سرگرميون هفتي ۾ 2 ڏينهن بند رکڻ وارو فيصلو قبول ناهي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ ۽ ڪاروبار رات 10 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاج  ڪنداسين .