ڪراچي/ ملير ( رپورٽ: نظير ميمڻ ۽ ناز شر) ڪراچي ۾امتحاني نتيجن خلاف پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي ڪارڪنن جا مظاهرا: پ پ ڪارڪنن سان جهيڙال : لٺبازي: علي زيدي سميت ڪيترا ڪارڪن زخمي، ان ڏس ۾پي ٽي آءِ پاران ڪياماڙيءَ جي ڊي آر او آفيس ٻاهران احتجاج دوران پيپلز پارٽي جا ڪارڪن به موجود هئا، ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن هڪٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جنهن بعد ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن هڪٻئي تي پٿراءُ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن سبب سياسي پارٽين جي ڪارڪنن سميت 2 ميڊيا  ورڪر پڻ زخمي ٿي پيا، پوليس ڊي آر او آفيس ٻاهران مظاهرين تي لاٺي چارج ڪري صورتحال تي ضابطو آندو ، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، ايمرجنسي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر ڪينن ۽ ٻيو سامان موجود آهي، رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ڪياماڙي مختيار ابڙي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا ٻن ٽن ڏينهن کان آفيس آڏو ويهي  آر اوز کي هراسان ڪري رهيا آهن،  پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ نعري بازي تان جهيڙو ٿي پيو، هن وقت صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، هوڏانهن پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي جو چوڻ آهي ته ڊي آر او آفيس اڳيان پٿراءُ دوران هو پاڻ  به زخمي ٿي پيو آهي ، هن چيو ته پيپلز پارٽي ڊي آر او ڪياماڙيءَ جي آفيس تي حملي جي منصوبابندي ڪئي هئي، تحريڪ انصاف ڪياماڙيءَ جون 13 يوسيون کٽيون آهن پر ڊي آر او آفيس ۾ نتيجا تبديل ڪيا پيا وڃن. هوڏانهن پي ٽي آءِ ڪارڪنن قيوم آباد پهچي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي، ٻئي طرف جماعت اسلامي پاران ملير جي گڏاپ ٽائون جي يوسي 4 ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي يوسي 2 شاهه لطيف ٽائون جي نتيجن  ۾ امڪاني ڦير ڦار جي اطلاع تي اليڪشن آفيس آڏو احتجاج ڪري ۽ ملير هالٽ ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، نعريبازي تان  پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي،  پوليس پاران مڇريل مظاهرين تي لٺبازي ڪئي وئي، جنهن سبب هڪ ڪارڪن طلحه زخمي ٿي پيو، بعد ۾  پوليس روڊ کولرائي ڇڏيو، هوڏانهن وفاقي اردو ورسٽي وٽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو