ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ) ڪراچي جي قديمي اسلاميه ڪاليج جي بلڊنگ خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ شاگردن ۾ چڪريون: پوليس شيلنگ ۽ لاٺي چارج بعد 5 شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو، ڳالهين بعد احتجاج ختم، ان ڏس ۾ 1992ع کان ڪاليج  انتظاميه ۽ ٽرسٽين وچ  ۾ ڪاليج جي زمين تان هلندڙ تڪرار حل نه ٿي سگهيو، عدالتي بيلف ڪالهه پوليس جي وڏي نفري وٺي ڪاليج خالي ڪرائڻ لاءِ پهتو ته پوليس جو شاگردن سان ٽڪراءُ ٿي پيو، پوليس ۽ شاگردن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ چڪريون، ٿيون،  پوليس پاران لاٺي چارج کانسواءِ شيلنگ ڪئي وئي، بعد ۾ سيڪريٽري ڪاليجز عبدالعليم لاشاري ۽ ڪاليج جي پرنسپال ايس ايس پي ۽ بيلف سان ڳالهيون ڪيون، ڪاليج انتظاميه پاران عدالتي آرڊر جون ڪاپيون پوليس کي ڏيکاريون ويون، جنهن تي پوليس عملدار مطمئن ٿي ويا، جڏهن ته عدالتي بيلف سيڪريٽري ڪاليجز عبدالعليم لاشاري جي موجودگي ۾ ڪاليج خالي ڪرائڻ جا حڪم ڏيندو رهيو، جنهن تي ڪاليج انتظاميه چيو ته سومر تي هاءِ ڪورٽ وينداسين، عدالت جيڪو حڪم ڏيندي، انهي تي عمل ڪيو ويندو، ڳالهين کانپوءِ بيلف پوليس سان گڏ واپس روانو ٿي ويو، ٻئي طرف ڪاليجز واري سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بيلف لوئر ڪورٽ جو 2021ع جو آرڊر کڻي پهتو هو،   اسان کيس سپريم ڪورٽ جا دستاويز ڏيکاريا، هن چيو ته ڪاليج جي زمين تي ٽرسٽ پاران تڪرار ھلندڙ آھي، جنهن لاءِ ھاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪيل آھي، هن  چيو ته ڪاليج ۾ 7000 شاگرد تعليم پرائين ٿا،  اسان ڪي ايم سي کي 2 لک رپيا مسواڙ پڻ ڏيون ٿا، ٻئي طرف اسلاميه ڪاليج جي پرنسپال جو چوڻ هو  ته اسلاميه ڪاليج جي احاطي ۾ 4 ڪيمپس ۽ 3 اسڪولن جون عمارتون آهن،  جن ۾ 10 هزار شاگرد پڙهن ٿا. واضح  رهي ته اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو نيشنلائيشن واري پاليسي  هيٺ ڪاليج  قومي ملڪيت ۾ ورتو هو، 22 سالن اڳ درخواستگذار مريد علي شاهه مالڪي جي دعوي ڪندي اسلاميه ڪاليج جي عمارت خالي ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو هو. جنهن بعد ڌرين ۾قانوني جنگ هلي رهي آهي