ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ۽ رينجرز پاران ايس آر اي جا 4 ڪارڪن رفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ گلستان جوهر ويجهو پهلوان چورنگي تي رينجرز ۽ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪئي. ترجمان موجب ڪارروائي دوران سنڌ ريواليوشنري آرمي جا 4 ڪارڪن سجاد علي عرف سجاد چنا، محسن چنا، نوشاد علي عرف صدام ۽ اسلم بيگ گرفتار ڪري هينڊ گرنيڊ ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا آهن جوابدار پوليس آفيسر عامر رياض تي حملي ۽ هڪ شهري جي قتل سميت ٻين وارداتن ۾ ملوث آهن،