ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊماسترن کي مستقل نه ڪرڻ بابت توهين عدالت جي درخواست تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هيڊماسترن ملازمن جي اهليت جاچڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران تعليم کاتي جو سيڪريٽري ۽ ٻيا پيش ٿيا، جنهن دوران درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته آءِ بي اي به سروس ڪميشن جي معيار جو ادارو آهي، اهي هيڊ ماستري لاءِ هڪ ڀيرو ٽيسٽ پاس ڪري چڪا آهن، بار بار ٽيسٽ ڇو ورتي پئي وڃي؟ جنهن تي تعليم واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته 17 هين گريڊ جي هيڊماستري لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ لازمي آهي، اسان انهي جو حل اهو ڪڍيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سمورن هيڊماسترن جو ٻيهر امتحان وٺندو، ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيل عدالت ۾ پيش ڪنداسين. ياد رهي ته سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ 958 هيڊماستر ڀرتي ڪيا ويا هئا، انهي کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سمورن هيڊماسترن کي مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.