ڪراچي: حڪومت جا اتحادي آهيون پر آپشنز کليل آهن: عامر خان

0
220
ڪراچي: حڪومت جا اتحادي

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر عامر خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، اسان هن سان ڪا شڪايت ناهي ڪئي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان چيو ته وزيراعظم سان ملاقات اڳواٽ طئي ٿيل هئي، وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ اسان ڪا شڪايت ناهي ڪئي. هن چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته وزيراعظم ساڍا 3 سالن کانپوءِ آيو، ساڻس خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون

تحريڪ عدم اعتماد بابت پڇيل سوال تي عامر خان چيو ته عمران خان سان ملاقات ۾ بي اعتمادي جي حوالي سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو ويو، نه هن اسان کان تعاون گهريون نه اسان ڪا خاطري ڪرائي، عدم اعتماد جي حوالي سان ڪراچي ۽ اسان جي ووٽرن لاءِ جيڪو بهتر هوندو اهو فيصلو ڪنداسين. عامر خان چيو ته حڪومت جا اتحادي آهيون پر بي اعتمادي جي حوالي سان اسان جا آپشن کليل آهن

ھي به پڙھندا

حڪومت بچايو مشن: وزيراعظم عمران خان جي ڪراچي آمد، ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات