حيدرآباد: عدالت قتل ڪيس جي 4 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو

0
306
وڏي وزير جي ٻيڙي جو تيل

حيدرآباد (ن پ ا)  سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ٻن ڀائرن جي قتل ڪيس ۾ عمرقيد جي سزا ٻڌايل 4 جوابدارن جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کين بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ساڳي ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار جي اپيل رد ڪري سزا برقرار رکي ڇڏي

7 نومبر 2014ع تي مانجهند ٿاڻي جي پوليس حاڪم علي سومرو جي فرياد تي سندس 2 ڀائرن اصغر سومرو ۽ جهانگير سومري جو قتل ڪيس داخل ڪيو هو

فريادي جو موقف هو ته گهٽي ۾ سرون لهرائڻ تان ڪلهوڙا ڌر جي بلاول ڪلهوڙو, اميد علي، دوست علي ۽ نثار عرف جوڳي سميت 5 ڄڻن ڀائرن کي گوليون هڻي قتل ڪيو

13 مارچ 2013ع تي سيشن جج ڄام شورو جوابدار بلاول ڪلهوڙو کي ڦاهي ۽ جوابدار اميند علي, دوست علي, مختيار ڪلهوڙو ۽ نثار عرف جوڳي کي عمر قيد جي سزا جوحڪم ڏنو هو

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار جي سزا وارو فيصلو برقرار رکيو جڏهن ته عمر قيد جي سزا ٻڌايل چئن ڄڻن کي بري ڪيو