لمپي بيماري سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي، 67 ڍور مري چڪا آهن: عبدالباري پتافي

0
260
ڪراچي: لمپي ڪيسز گهٽجڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي لائيو اسٽاڪ کاتي جو صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو آهي ته جانورن ۾ چمڙي جي بيماري لمپي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙيل هئي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو آئي آهي، اها بيماري 20 هزار 700 جانورن کي وڪوڙي ڇڏيو، نومبر کان اڄ تائين بيماري وگهي فوت ٿيل جانورن جو انگ 67 ٿي ويو ۽ 23 سيڪڙو جانور صحتياب به ٿيا آهن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته لمپي بيماري سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي، مال جي واڙن تي مڇرمار اسپري ڪرايو ويندو، ڊپٽي ڪمشنرن کي ان حوالي سان خط لکيو ويو آهي

هن چيو آهي ته هي بيماري ننڍڙن ڍورن ۾ نه ٿي ڦهلجي صرف ڳائي مال ۾ پکڙجي ٿي، ويڪسين انڪري امپورٽ نه ٿي ٿئي، نئون وائرس آهي، وفاقي حڪومت کان شڪايت آهي ان کي سُستي جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۾ تمام تيزي سان اها بيماري ڦهلجي پئي وڃي، اسان جو لکپڙهه وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جلد اسپري شروع ٿي ويندو