ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي، ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ فوج پاران ڪارروايون ڪيون ويون، ڪراچي ۾ ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ضلعي انتظاميا فوج ۽ پوليس سان گڏ ايس ايو پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪارووايون ڪيون، ڪاررواين دوران سماجي فاصلو نه رکڻ، دڪانن ۾ شهرين جي پيهه ۽ ماسڪ استعمال نه ڪرڻ تي صدر موبائيل مارڪيٽ کي سيل ڪري ڇڏيو، سول لائين ۽ توحيد ڪمرشل ۾ به دڪان ۽ سيلون سيل ڪيا ويا. جڏهن ته سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي انٽر سٽي (شهرن وچ ۾ هلندڙ ) ٽرانسپورٽ تي لڳل پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروايون ڪري ڏنڊ اوڳاڙيو، ان ڏس ۾ .لاڙڪاڻي ۾ 5 گاڏيون چالان ڪري 5 هزار ڏنڊ، سکر ۾ 7 گاڏيون چالان ڪري 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو ۽ حيدرآباد ۾ ٽريفڪ پوليس بدين جنرل بس اسٽينڊ، فتح چوڪ، هالاناڪي ۽ ٻين علائقن مان 14 گاڏيون تحويل ۾ وٺي بائونڊ ڪرڻ بعد ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيون، جڏهن ته ٽيم ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروائي ڪري کانئن 38 هزار رپيا ڏنڊ به وصول ڪيو. قاسم آباد ۾ فوج سان گڏجي ضلعي انتظاميا ڪارروائي ڪري ايس او پيز جي خلاف ورزي تي مارٽ سميت 10 دڪان سيل ڪري ڇڏيا، گپچاڻي، سرورآباد، چيزل آباد ۾ دڪاندارن پاران لاڪ ڊائون تي عمل نه ڪرڻ تي پوليس ڪارروائي ڪندي ڄاڻايل شھرن ۾ کليل دڪانن کي بند ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته قاضي احمد ۽ ٻانڌي ۾ به پوليس شهر جو گشت ڪري کليل دڪان بند ڪرائي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.