ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪورونا جا ڪلور : وڌيڪ 146 فوت، ملڪ ۾ فوتين جو انگ 18 هزارن کان وڌي ويو، 4699 نوان ڪيس سامهون آيا، جنهن بعد ملڪ ۾ ڪل متاثر ٿيلن جو انگ سوا 8 لک ۽ فعال ڪيسن جو انگ 90553 ٿي ويو، ڪورونا جي شرح 9.63 سيڪڙو تي پهتل، ملڪ ۾ 21 رمضان تي يوم علي عه تي سمورن جلوسن تي پابندي، پنجاب جي مسجدن ۾ اعتڪاف تي بندش، پرڏيهه مان ايندڙ جهازن ( ايئر ٽريفڪ ) ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي، پرڏيهه مان ايندڙ مسافرن لاءِ به نئين ايڊوائزري جاري، پنجاب سرڪار مسجدن ۾ اعتڪاف تي بندش وجهي ڇڏي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا 13 حياتيون کسي ورتيون پرڳڻي ۾ وڌيڪ 1178 ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 15247 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 14620 گھرن، 7 آئسوليشن سينٽرن ۽ 620 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير موجب 584 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 44 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 419، حيدرآباد ۾ 207، سکر ۾ 85، نوشهري فيروز ۾ 59، سانگھڙ ۾ 46، شڪارپور ۾ 42، ٽنڊي الهيار ۾ 36، شهيد بينظيرآباد ۾ 34، ميرپورخاص ۾ 32، ڄامشوري ۾ 23، ٽنڊي محمد خان ۾ 18، بدين ۽ دادو ۾ 13_13، لاڙڪاڻي ۾ 12، خيرپور ۾ 10، گھوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ 7_7 ڪيس سامهون آيا آهن. هوڏانهن گمس ۾ ڪورونا وگهي سکر واسڻ نورجهان ۽ خيرپور واسڻ ارشاد خاتون فوت ٿي ويون. هوڏانهن گمبٽ جي ايڊيشنل ڪورٽ جي 3 ملازمن ۽ ڳوٺ ڌڻي بخش ڦل ۾ 5 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس ظاهر ٿيڻ تي ڳوٺ ڌڻي بخش ڦل ۽ ايڊيشنل ڪورٽ محلي ۾ 10.10 پوليس اهلڪار مقرر ڪري 14 ڏينهن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي هوڏانهن اسلام ڪوٽ ۾ 10 شاگردن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويئي. متاثر ٿيل ٻارڙن جي عمر 8 کان 10 سالن جي وچ ۾ آهي،9 ڄڻا ٽي سي ايف اسڪول ۽ هڪ ٿرڪول بلاڪ سائيٽ اسڪول جو شاگرد آهي. متاثر ٻارڙن ۾ شير محمد ولد فيض محمد، 8 ورهين جي لو ڪمار ولد گريش لال، 10 ورهين جو سروڻ ولد لڇمڻ،10 ورهين جو مولچند ولد گهمون،10 ورهين جي پوجا ڌي رتن، 8 ورهين جي زارا ڌي ادل،9 ورهين جي جيٺو ولد لڇو ۽ رميش ڪمار شامل آهن. جڏهن ته ڇاڇري ۾ ٻن ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 22 ڪيس ظاهر ٿيا، ٻه ڏينهن اڳ ڪورونا وگهي حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿيل مبارڪ رند واسي 75 ورهين جي سهتو خان رند جون آخري رسمون اباڻي ڳوٺ مبارڪ ۾ ادا ڪيون ويون. هوڏانهن حيدرآباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3 شهري حيدرآباد واسي ڊينٽل سرجن محمد بشير ميمڻ، 53 سالن جي عورت فرخنده ۽ 50 سالن جو محمد علي فوت ٿي ويا، جڏهن ته سول اسپتال ۾ ڪورونا جي مريضن لاءِ قائم آءِ سي يو وارڊ ۾ مريضن جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي، سول اسپتال ۾ ڪورونا جي آءِ سي يو وارڊ ۾ 36 مريضن جي گنجائش آهي، جتي 36 مريض داخل ٿيل آهن، جڏهن ته ڪورونا جا 5 مريض جيل وارڊ ۾ به علاج هيٺ رکيل آهن،. ضلعي ۾ ڪورونا جي ايڪٽو مريضن جو انگ لڳ ڀڳ 2 هزار تائين پهتل آهي جن مان اڪثر مريض پنهنجن گهرن ۽ ڪجهه مريض سول اسپتال حيدرآباد سميت ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ٿيل آهن. هوڏانهن ميروخان واسي پرائمري استاد 52 سالن جو بشير احمد چنا ڪورونا سبب فوت ٿي ويو، رات دير سان ڪراچي سينٽرل جي مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو هو، هوڏانهن سنڌ صحت کاتي موجب هڪ هفتي دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح 10 سيڪڙو رهي، جتي 3 هزار نوان مريض ظاهر ٿيا، حيدرآباد ۾ اها شرح 17 سيڪڙوتي پهتي، شهر ۾ هڪ هزار نوان ڪيس ظاهر ٿيا، سکر ۾ ڪورونا جي شرح 7 سيڪڙو تي پهتي، هوڏانهن اين سي او سي موجب 21 رمضان تي يوم علي عه تي سمورن جلوسن تي پابندي هوندي، انهي ڏهاڙي سخت ايس اوپيز تحت مجلسون ٿي سگهنديون، اين سي او سي اجلاس ۾ ايئر ٽريفڪ ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهي پابنديون 4 کان 20 مئي تائين جاري رهنديون، ان حوالي سان جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهه مان ايندڙ سمورا مسافر سفر کان 3 ڏينهن اڳ واري ڪورونا ٽيسٽ پاڻ سان گڏ آڻيندا، جڏهن ته ايئرپورٽ تي سندن ٻيهر ڪورونا ٽيسٽ ڪئي ويندي، هوڏانهن پنجاب اوقاف کاتي مسجدن ۾ اعتڪاف تي پابندي هڻندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پابندي هنئي وئي آهي. درگاهن ۽ مسجدن ۾ اعتڪاف تي پابندي هوندي. جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ڪورونا صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مڪمل لاڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته لاهور ۾ ڪورونا ڪيسن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي صورتحال بهتر نه ٿي ته لاڪ ڊائون کانسواءِ ڪا راهه ناهي. هن چيو ته پنجاب جي ٻين شهرن ۾ به ڪورونا ڪيسن ۽ فوتگين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، آئون روزانو جي بنياد تي جائزو وٺي رهيو آهيان،