ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورونا دوران ڊيوٽي ڪندي فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي وارثن جي مالي سهائتا لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جا اختيار ڊي جي صحت حوالي ڪيا ويا، صحت کاتي پاران ڪالهه ڊي جي صحت کي خط لکي ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ سرڪار ڪورونا دوران ڊيوٽي ڪندي فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي وارثن جي مالي مدد ( 10 لک رپيا) جو فيصلو ڪيو آهي، انهي ڪري فوتي ملازمن جي قانوني وارثن سان ملي، قانوني گهرجون پوريون ڪري سمري سرڪار ڏانهن اماڻڻ لاءِ ڪنهن آفيسر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو وڃي.